ست يوگوسلاويائي آکاڻيون

ست يوگوسلاويائي آکاڻيون

ست يوگوسلاويائي آکاڻيون

ست يوگوسلاويائي آکاڻيون (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامور ترجمي نگار جڳت آڏواڻيءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ يوگوسلاويا جون ست ڪهاڻيون: ايوو آندرچ جي ڪهاڻي ’زيبا پُل‘، سدو مير مندرووچ جي ڪهاڻي ’گهر بدلائڻ جو ڏينهن‘، برانڪو ڪوپچ جي ڪهاڻي ’ننڍڙي ساٿڻ‘، بيوڪو سلاو ڪاليب جي ڪهاڻي ’مهمان‘، اوان چئنڪر جي ڪهاڻي ’ٻار ۽ ٻُڍا‘، بوراستانڪو وچ جي ڪهاڻي ’نشڪا‘ ۽ زارا ربنڪار جي ڪهاڻي ’ڏاڏو ۽ پکي‘ شامل آهن.
هي ڊيمي سائيز ۾ 75 صفحن تي مشتمل ڪتاب ساهتيه اڪيڊمي، نئين دهليءَ، 1978ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 6 روپيا آهي. هن ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌ ۾، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1996ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو